خانقاهه شريف صاڀو

خانقاهه شريف صاڀو: عمرڪوٽ ضلعي ۾ واقع هيءَ خانقاهه سيهڙ فقير مڱرئي جي خاندان جي آهي، جيڪا زمانن کان آباد آهي. مڱريا بزرگ غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي سهرورديه سلسلي جا پوئلڳ رهيا آهن. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيرح جي زماني ۾ ساڀي ۾ ابراهيم فقير ذڪر ڏيندو هو، جنهن کي ابراهيم ’ڪاڻو‘ ڪري چوندا هئا. گرهوڙي صاحب ۽ سندس وچ ۾ ڪيتريون چوٽون ٿيون، گرهوڙيءَ هن تي چوٽ ڪندي چيو ته:
ڪي نميا ناٿ کي، ڪي ابراهيم ڪاڻي،
الله ٿو ڄاڻي، اسين تنهنجي آسري.
انگريزن جي آخري زماني ۾ هن خانقاهه جي روح روان بيبي صالحان وڏي هستي ٿي گذري آهي. فقير محمد علي ساند به هتي جو بزرگ آهي، جيڪو حاجي محمد حسين نقشبندي ملتان واري جو خليفو آهي. هي خانقاهه شريف، ذڪر فڪر سان آباد رهندي اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو